راجسٿان(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ ڊپريشن جو شڪار شخص 56 کان وڌيڪ بليڊ ڳهي ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب راجسٿان سان تعلق رکندڙ 26 سالن جو يشپال سنگهه پيشي جي لحاظ کان اڪائونٽنٽ آهي، جيڪو هڪ هڪ ڪري 56 بليڊ ڳهي ويو. اهڙو واقعو جلور ضلعي ۾ يشپال پيٽ ۾ سور سبب رت جون الٽيون ڪيون. کيس روم ميٽ فوري طور اسپتال وٺي ويو جتي ايڪسري ۾ هن جي جسم اندر بليڊ ظاهر ٿيا پر ڊاڪٽرن اينڊوسڪوپي ڪئي ۽ فوري طور تي سرجري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سرجري ڪندڙ ڊاڪٽرن موجب هن شخص جي ڳلي ۾ ڪٽن جا نشان هئا ۽ پوري جسم تي سوڄ هئي جڏهن ته جسم جي اندر به ڪيترن ئي جڳهن تي ڪٽ هئا، پر 7 ڊاڪٽرن تي مشتمل ٽيم سرجري ڪري 3 ڪلاڪن ۾ پيٽ مان سمورا بليڊ ڪڍي ورتا. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هن شخص بليڊن کي وچ مان ٽوڙي ۽ هڪ هڪ ڪري پلاسٽڪ سميت ئي کائي ويو، ممڪن آهي ته نوجوان کي بي چيني يا ذهني دٻاءُ هو جنهن سبب هن بليڊن جا پورا 3 پيڪيٽ کائي ڇڏيا. ڪامياب آپريشن ۽ بليڊ ڪڍڻ کانپوءِ مريض جي حالت هاڻي ٺيڪ آهي.