حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب سامهون ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو. هوسڙي جي رهواسين آفتاب لاڙڪ ۽ ٻين دڪان مان ٿيل چوري واقعي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته سندن دڪان مان چور تالا ٽوڙي لکين رپين جو اسپيئرپارٽس وارو سامان چورائي ويا آهن. رپورٽ داخل ٿيڻ باوجود پوليس چورن کي گرفتار نٿي ڪري. مانجهند جي مختلف ڳوٺن جي رهواسي عورتن 2 ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺ ٻڍاپور جي رهواسڻ مسمات محبت ماڇي چيو ته کاڻوٺ پوليس سندس پٽ راشد علي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته منظورآباد جي رهواسڻ مسمات سوڍي مڱڻهار ڪوٽڙي پوليس تي الزام هنيو ته هن سندس پيرسن مڙس الله بچايو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. پوليس کين هاف فراءِ ڪرڻ جو منصوبو جوڙي ڇڏيو آهي. ريڊيو پاڪستان جي رٽائرڊ ملازمن عبدالله ڀٽي، محمد سميع، محمد فاروق، مظفر حسين ۽ محمد امين زنئور پنهنجي معصوم ٻارن سميت پينشن ۽ ٻيون مراعتون نه ملڻ خلاف احتجاج جاري رکيو.