ملڪاڻي شريف (ن پ ا ) حيسڪو جهڏو رهتون ڄاڻائي ملڪاڻي شريف جي چئن ڏينهن کان بجلي ڪٽي ڇڏي آهي، جنهن ڪري شهر اونداهي ۾ ٻڏل آهي ۽ گرمي ۽ مڇرن جي آزار شهرين جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن. جنهن تي شهرين مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڪامريڊ شفيع ملڪاڻي عبدالڪريم ڀنڀرو صديق لغاري نديم لغاري منور هنگورجو ۽ ٻين ٻڌايو ته حيسڪو جهڏي عملي بنا جواز ملڪاڻي شريف شهر جي بجلي ڪٽي شهر کي اونداهي ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي چئن ڏينهن کان بجلي بند هجڻ ڪري مسجدن اسڪولن گهرن بازارن ۽ دڪانن تي پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آهي وضو لاء مسجدن ۾ پاڻي ناهي نمازي پريشان آهن فلورملن تي اٽي جي کوٽ ٿي وئي اٽو اڻلڀ ٿي ويو آهي گرمي سبب مڇرن جي آزار شهرين کي بيمار ڪري ڇڏيو آهي جاڳي راتيون گزارڻ تي مجبور آهيون هنن مطالبو ڪيو ته بجلي جلد بحال ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري پنگريو جهڏو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويندو