نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ حريت اڳواڻ ياسين ملڪ  کي سزا ٻڌائڻ لاءِ ٻڌڻي اڄ ٿيندي، والاريل ڪشمير ۾ اڄ هڙتال  جو سڏ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ياسين ملڪ کي دهشتگردي جي جعلي ڪيس ۾ ڀارتي عدالت پاران ڏوهاري قرار ڏيڻ تي وزيراعظم شهبازشريف، عمران خان، بلاول ڀٽو زرداري شديد مذمت ڪئي آهي، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ فاشسٽ مودي حڪومت جي رياستي دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته انساني حقن جون تنظيمون ياسين خلاف سنگين ناانصافي روڪڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي.