ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ کير جي اگھن ۾ وڌيڪ 10 رپيا في لٽر واڌ جو اعلان، ڊيري فارمرز  سڀاڻي 26 مئي کان کير 160 رپيا في لٽر وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ڊيري فارمرز ايسوسيئشن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جانورن ۾ چمڙيءَ جي خطرناڪ بيماري لمپي سبب کير جي پيداوار ۾ گھٽتائيءَ ٿيڻ ڪري کير جا اگھه وڌائڻا پئجي رهيا آهن، هنن چيو ته ڪراچي ۾ سڀاڻي  کان کير  150 بدران 160 رپيا في لٽر وڪرو ڪيو ويندو. واضح رهي ته ڊيري فارمرز کير جي اگھن ۾ واڌ بابت ڪراچيءَ انتظاميا سان ڪا به مشاورت ناهي ڪئي.