ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت صوبي جي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن لاءِ گرمين جي موڪلن جو اعلان  aڪري ڇڏيو، تعليم کاتي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي فيصلي تحت تعليم کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي سمورن خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن کي پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين 2 مهينا گرمين جون موڪلون ( ويڪيشن ) هونديون. سيڪريٽري تعليم پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  پهرين آگسٽ کان سمورا خانگي ۽ سرڪاري اسڪول معمول موجب کلي ويندا.