گجرات (م ڊ) ڀارت ۾ زال ۽ مڙس ”ديوتا“ بت آڏو پنهنجي قرباني ڏيندي سِسِيون ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيون. 38 ورهين جي هيموڀائي مڪوانا ۽ سندس 35 جي زال هنسابن ”گلوٽين“ قاتل مشين جهڙو هڪ نظام تيار ڪيو جنهن ۾ وڏا بليڊ سسيءَ تي ڪري ان کي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيندا آهن. ٻنهي زال، مڙس ڪوشش ڪئي ته سسي ڌار ٿي سامهون چوڪنڊي خاني ۾ ڀڙڪيل باهه ۾ وڃي ڪري جيڪو هيٺ تصوير ۾ به نظر اچي رهيو آهي. ٻنهي وڏن بليڊن سان ٻڌل رسي کي چوريو ته اھي هيٺ اچي ڪريا. جنهن کان پوءِ ٻنهي جون سِسِيون ڌار ٿي ويون. اهو واقعو گجرات جي ضلعي راجڪوٽ جي علائقي ونشيا ۾ پيش آيو آهي. جاچ پوليس اهلڪار اندرجيت سنگهه جديجه ٻڌايو ته اهو واقعو گذريل ڇنڇر جي رات ۽ آچر جي ڏنهن منجهند وچ ۾ پيش آيو آهي. واردات کان اڳ زال مڙس پنهنجي ٻارن جي نالي لکت ڇڏي آهي جنهن ۾ هنن چيو آهي ته سندن ٻارن جو خيال رکيو وڃي. پوليس موجب جوڙي ان لاءِ باقاعده تياري ڪئي هئي. هنن سڀ کان اڳ مٺائي ۽ گُل رکيا. ان کان پوءِ هڪ چوڪنڊي ۾ باهه ڀڙڪائي، ته جيئن منڍيون ان باهه مٿان ڪِرن. وارثن ٻڌايو ته هڪ سال کان ٻئي زال مڙس اتي پوجا لاءِ گڏ ٿيندا هئا ۽ سندن گھڻو وقت انهيءَ ڪم ۾ گذرندو هو. پوليس ان واقعي کي آپگھات ۽ حادثاتي موت قرار ڏنو آهي.