سکر (بيورو رپورٽ) ڪسٽم سکر جي ڪارروائي، اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي سلفر سان ڀريل ٽرالر پڪڙڻ جي دعويٰ. ڪسٽم سکر جي عملدارن مطابق سلفر سان ڀريل ڪنٽينر ڪراچيءَ کان پنجاب طرف نيو پيو ويو. ڪسٽم ٽيم ڳجهي اطلاع تي پيچو ڪري شاهه حسين باءِ پاس وٽ ڊرائيور ٽرالر ڇڏي فرار ٿي ويو.  ڪنٽينر ۾ انڊين سلفر جون 1900 ٻوريون پيل آهن، جن کي تحويل ۾ وٺي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.