محرابپور (ن پ ا) محرابپور پوليس جوابدار کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ، ان ڏس ۾  مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ محرابپور تعلقي جي ڳوٺ دائود ٻانڀڻ واسي خورشيد ٻانڀڻ طور ٿي آهي،  پوليس موجب ته 3 ڏينهن اڳ ڏوهارين، پوليس اهلڪار اعجاز کنڊ کي شهيد ڪيو هو، جنهن بعد اسان ٽيڪنيڪل مدد سان ڪيس ۾ مک جوابدار خورشيد ٻانڀڻ کي گرفتار ڪيو ، جوابدار پاران ڏوھ پڻ قبول ڪيو هو، ان بعد ٻين جوابدارن جي نشاندهي لاءِ  گرفتار جوابدار خورشيد ٻانڀڻ کي نيو پئي ويو ته ڳوڌو شاخ ويجهو ڪيلن جي باغ وٽ ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾  جوابدار پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. واضح رهي ته 3 ڏينهن اڳ  پوليس اهلڪار اعجاز کنڊ کي ڦر مزاحمت دوران شهيد ڪيو ويو هو.