واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ غلطي وچان گھر جي گھنٽي وڄائڻ تي گھر جي مالڪ 16 ورهين جي ڪاري نسل جي نينگر مٿان گولين جو وسڪارو ڪري ڏنو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 13 اپريل تي آمريڪي رياست ميسوري جي شهر ڪنساس ۾ والدين ڀاءُ کي سڏ ڪرڻ لاءِ 16 ورهين جي رالف يارل کي دوست جي گھر موڪليو. پر يارل غلط ايڊريس تي پهچي ويو ۽ گھر جي گھنٽي وڄائي، گهنٽي وڄڻ کان پوءِ گھر جي مالڪ در تي ئي نوجوان تي گولين جو وسڪارو ڪري ڏنو.

گوليون لڳڻ سبب نوجوان زخمي ٿي پيو جنهن کان پوءِ هو زخمي حالت ۾ ڀرسان واري گھر ۾ مدد لاءِ هليو ويو، زخمي حالت ۾ ڏسي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ پوليس کي اطلاع ڏيڻ تي گوليون هڻندڙ گھر مالڪ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. رپورٽن موجب نوجوان کي آچر جي ڏينهن اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو جڏهن ته پوليس جوابدار کي بيان ڏيڻ بعد ڇڏي ڏنو جنهن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي. جوابدار کي آزاد ڪرڻ خلاف گذريل ڪيترن ئي ڏينهن  کان ڪاري نسل جي ماڻهن، سوسائٽي ۽ شهرين پاران جوابدار جي گھر ٻاهران احتجاج ڪيو پيو وڃي.