نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي شاگرد جي سوال کي نصاب کان ٻاهر قرار ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب هڪ تقريب ۾ نريندر مودي کان شاگرد اپوزيشن طرفان ڪئي ويندڙ تنقيد بابت سوال پڇيو. شاگرد جي سوال تي مودي مزاحيا انداز ۾ چيو ته اهو سوال نصاب کان ٻاهر آهي، تنقيد جمهوريت ۾ شفافيت جيان آهي، منهنجو يقين آهي ته اهو خوشحال جمهوريت لاءِ شرط آهي. هن شاگرد کي چيو ته جيڪڏهن توهان سچا ۽ ايماندار آهيو ته پوءِ توهان کي تنقيد جي پرواهه نه هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اها توهان جي طاقت بڻجندي آهي.