بدين (رپورٽر) بدين ضلعي ۾ مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي کانپوءِ مخصوص سيٽن لاءِ ڪمال چانگ سميت بااثر ڌرين درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.  پنھنجي اخبار کي ڄاڻو ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق مخصوص سيٽن تي پيپلز پارٽي جي جيالن سان گڏ ڪيترن ئي بااثرن به درخواستون پارٽي وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آھن، جنھن ۾ اڳوڻو ايم اين اي سردار ڪمال خان چانگ به شامل آھي جڏهن ته  پيپلز پارٽي جو اڳوڻو تعلقه جنرل سيڪريٽري عبدالغفور ميمڻ، پيپلز پارٽي جو اڳواڻ اڳوڻو ضلع ڪائونسل جو وائيس چيئرمين الھڏنو چانڊيو،صوبائي وزير اسماعيل راھو جو ويجھو ساٿي علي احمد جوکيو،پيپلز پارٽي جو پراڻو جيالو امير حسن کوسو سميت ليڊيز جو مخصوص سيٽن لاءِ فارم پارٽي وٽ جمع ڪرايا ويا آھن، جڏھن ته ذريعن موجب ليڊيز جي مخصوص سيٽن جا اختيار پارٽي پاران تنزيلا قمبراڻي کي ڏنا ويا آھن،جڏھن ته پ پ جي پراڻن جيالن موجب ته  ھارين ، مزدورن، يوٿ ، اقليتن، عورتن  ۽  جي مخصوص سيٽن جي حوالي سان پيپلز پارٽي جي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اعلان مطابق مخصوص سيٽن تي صرف مزدورن ھارين غريب عورتن نوجوان غريب اقليتن کي ڏنيون وينديون.