اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هفتي ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح ۾ 0.45 سيڪڙو اضافو ٿي ويو، شماريات کاتي هفتيوار مهانگائي جا انگاکر جاري ڪري ڇڏيا، شماريات کاتي جي رپورٽ مطابق ملڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 32.57 سيڪڙو تي پهچي وئي، هڪ هفتي ۾ هڪ هفتي ۾ ضروري استعمال جي 25 شين ۾ اضافو ٿيو، 6 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 20 شين جون قيمتون برقرار رهيون، بصرن جي في ڪلو قيمتن ۾ 13 رپيا، ايل پي جي گهريلو سلينڊر جي قيمتن ۾ 136 رپيا، چانورن جي في ڪلو قيمتن ۾ 5 رپيا، ٽماٽن جي في ڪلو قيمتن ۾ 2 رپيا 18 پيسا، دال ماش جي في ڪلو جي قيمتن ۾ 3 رپيا ۽ دال مڱ جي في ڪلو قيمتن ۾ 4 رپيا اضافو ٿيو.