اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ستين آدمشماري ڪرائڻ لاءِ قومي ۽ بين الاقوامي تنظيمن سان تعارفي سيشن ٿيو، شرڪت ڪندڙن کي مانيٽرنگ سينٽرز، فيڊ بيڪ سينٽرز ۽ ڪال سينٽرز جي دوري سان گڏوگڏ ”ڊجيٽل آدمشماري“ جي عمل جي باري ۾بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي چيف آدمشماري ڪمشنر ڊاڪٽر نعيم الظفر ٻڌايو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) طرفان ستين آدمشماري ڊجيٽل طريقي سان ڪرائڻ جي هدايت تي عمل ڪيو پيو وڃي.