ڀارتي فوج جي عورت ليفٽيننٽ ڪرنل خودڪشي ڪري ڇڏي

0
444

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) ڀارتي فوج جي عورت آفيسر خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب 43 سالن جي عورت ليفٽيننٽ ڪرنل مهاراشٽرا رياست جي پوني ضلعي ۾ پراسرار طور تي مئل حالت ۾ ملي آهي، خدشو آهي ته هن خودڪشي ڪئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب پوليس چيو آهي ته عورت آفيسر اتراکھنڊ جي رهواسڻ  هئي ۽ ٽن مهينن جي ٽريننگ لاءِ جي پور آئي هئي.

پوليس موجب آپگهات ڪندڙ عورت ليفٽيننٽ ڪرنل  جي شادي به ڪرنل سان ٿي هئي ۽ پنهنجي مڙس سان طلاق بابت مامر هو.

پوليس کي شڪ آهي ته عورت گهريلو تڪرار سبب خودڪشي ڪئي آهي ، پر جاچ جاري آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي قبضي مان ڪو به خودڪشي جو نوٽ ناهي مليو ، پر سندس والد جو هڪ پراڻو خط مليو آهي، جڏهن ته عورت جو پيءُ پاڻ هڪ رٽائرڊ فوجي آهي.