ممبئي(شبز نيوز) مشهور ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊ: سونم باجوا هلندڙ سال پاڪستان جو دورو ڪندي. يوٽيوب تي سوالن جوابن جي هڪ ويهڪ دوران هڪ مداح اداڪارا کي اپيل ڪئي ته هو پاڪستان جو دورو ڪري ته هن چيو آئون هن سال ئي پاڪستان اچي رهي آهيان. ان کان اڳ به اداڪارا پاڪستان اچڻ جي خواهش ظهار ڪري چڪي آهي. هن هڪ ريڊيو انٽرويو ۾ چيو هو ته جيڪڏهن فواد خان شادي نه ڪري ها ته هو ساڻس ڊيٽ ٽي وڃڻ لاءِ تيار هئي. سونم باجوه ان کان اڳ پاڪستاني فنڪارن سجل علي ۽ ڊرامي ميري پاس تم هو کي پسند ڪرڻ جو اظهار به ڪري چڪي آهي. ياد رهي ته اداڪاره ڀارت جي مختلف فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 2013 ۾ ڪئي هئي.