لاس اينجلس( شوبز نيوز) اڪيڊمي ايوارڊ 2023ع ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ “ڪرائسس ٽيم” جوڙي وئي آهي. گذريل آسڪر ايوارڊ ۾ وِل اسمٿ ۽ ڪرس راڪ وچ ۾ جهيڙي ۽ ٿڦڙ هڻڻ واري واقعي کي نظر ۾ رکندي اڪيمڊي آف موشڻ پڪچرز آرٽس اينڊ سائنس هلندڙ سال 12 ۾ ٿيندڙ ايونٽ ۾ ان قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اپاءُ ورتا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب آسڪر جي سي اي و بل ڪرمر ٽائيم ميگزين کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اڪيڊمي وٽ ڪنهن به تڪرار کان بچڻ لاءِ هن سال پوري ٽيم آهي.