لاهور(شوبز نيوز) لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ ڳائڻَي علي ظفر پاران ميشا شفيع خلاف داخل ڪيل عزت کي ڇيهو رسائڻ جي درخواست تي وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ميشا شفيع کان وڊيو لنڪ ذريعي آڏي پڇا ڪئي وئي.اها آڏي پڇا پهرين مارچ تي وري ٿيندي. ٻڌڻي دوران علي ظفر عدالت ۾ پيش ٿيو، سندس وڪيل طارق گل وڊيو لنڪ تي ميشا شفعي تي جرح ڪئي. هن ميشا شفيع کان پڇيو ته توهان هڪ تصوير عدالت ۾ پيش ڪئي جنهن کي توهان جنسي هراسمينٽ جو الزام لڳايو اها تصوير توهان پنهنجي فيس بڪ تي پاڻ اپلوڊ ڪئي؟ هن تصوير جي ڪيپشن ۾ توهان لکيو ته “ اڄ رات پارٽي ٿيندي” ان ڪيپشن لکڻ کان پوءِ توهان جنسي هراسمينٽ ڪيئن ٿيون چيئ سگهو. وڪيل پڇيو ته عدالت توهان کي ڪڏهن ناهي گهرايو توهان غلط بياني ڪئي. جنهن تي ميشا شفيع چيو ته اها ڳالهه غلطي وچان وات مان نڪري وئي هئي.