اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿر جي ڪوئلي کي بجلي جي پيداوار ۾ استعمال ڪرڻ جي حوالي سان ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ رٿابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي گڏيل سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، وزيراعظم ان ڪاميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته ٿر ۾ ڪوئلي جي موجودگي ۽ مقامي منڊي ۾ ان جي گهر جو ڪاٿو لڳائي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿر جي ڪوئلي کي بجلي جي پيداوار ۾ استعمال ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ريلوي جي وفاقي سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت مطابق ريلوي 23 مارچ 2023ع تائين ڇور کان اسلام ڪوٽ تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ وڇائي مقامي ڪوئلي کي ملڪ اندر موجود بجلي گهرن، سيمينٽ ۽ سرن جي بٺن کي ٿر جو ڪوئلو فراهم ڪري سگهبو، ان منصوبي تي 58 ارب رپيا لاڳت ايندا، جنهن مان اڌ رقم وفاق ۽ اڌ رقم سنڌ حڪومت ادا ڪندي، وزيراعظم شهباز شريف رٿابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪندي ان کي هدايت ڪئي آهي ته ٿر ڪول مان ڪوئلي جي دستيابي ۽ مقامي منڊي ۾ ان جي گهرج جو ڪاٿو لڳائي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، قائم ٿيل ان ڪاميٽي ۾ ريلوي جو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق، وزيراعظم جو خصوصي معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان، ڊي جي ايف ڊبليو او ۽ لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽري ۽ ماهر ميمبر طور شامل ڪيا ويا آهن، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجلي پيداوار ۾ مقامي وسيلن کي استعمال هيٺ آڻڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ٿر جو ڪوئلو اسان جي توانائي ضرورتن کي چڱي ريت پورو ڪري سگهي ٿو، اسان امپورٽيڊ ڪوئلي بجاءِ ٿر جي مقامي ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ڪنداسين،  هن اجلاس ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار، توانائي جي وزير انجنيئر خرم دستگير، رٿابندي جي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي جي وزير خواجا سعد رفيق، سنڌ جي وڏو وزير مراد علي شاهه، سنڌ جي توانائي وزير امتياز احمد شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن به شرڪت ڪئي.