ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ جي نئين چونڊيل ايم اين اي حڪيم بلوچ جي ڪاميابي ۽ ملير جي قومي تڪ اين اي 237 جا نتيجا چيلنج ڪرڻ واري تحريڪ انصاف جي درخواست رد ڪندي کين لاڳاپيل فورم (اليڪشن ٽربيونل) سان رابطو ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ پي ٽي آءِ  جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن چونڊن ۾ ڪا به بي ضابطگي يا ڌانڌلي ٿي آھي ته توھان وٽ  اليڪشن ٽربيونل جھڙي فورم جو آپشن موجود آهي، جنھن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل شهاب امام چيو ته اليڪشن ٽربيونل جو آپشن اليڪشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جو آھي، اسان اليڪشن ڪميشن وياسين پر هنن اسان لاءِ دروازو نه کوليو، انهي ڪري هتي آيا آهيون، اسان اليڪشن ڪميشن کي بي ضابطگين بابت  3 خط لکيا آهن، جنھن تي چيف جسٽس وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توھان اليڪشن جو ڪھڙو تڪرار  ھتي کڻي آيا آهيو؟  توهان  جيڪي ڳالهيون ٻڌائي رهيا آھيو، اهي اليڪشني تڪرار جي دائري ۾ اچن ٿيون،  ڇا توھان اليڪشن ٽربيونل ۾ ويا آھيو ؟  جنھن تي پي ٽي آءَ جي وڪيل چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن وٽ شڪايت کڻي وياسين پر انهن دروازو نه کوليو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان کي ٻڌايو ته اليڪشن ٽربيونل ڪٿي آھي؟ عدالت پي ٽي آءَ جي وڪيل کي اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪرڻ جي ھدايت ڪندي درخواست رد ڪري ڇڏي،