پيرس (م ڊ) پيرس ۾ فيٽف جو اجلاس جاري، پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکڻ يا ڪڍڻ بابت فيصلو اڄ ٿيندو، فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس پيرس ۾ هلندڙ آهي، اجلاس ۾ ٻينن معاملن سان گڏ پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍڻ جو جائزو ورتو پيو وڃي. پاڪستان پراميد آهي ته هن ڀيري پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪري ويندو، اجلاس ۾ پاڪستاني وفد مملڪتي وزير حنا رباني کر جي قيادت ۾ شامل آهي. پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪرندو يا نه، اڄ فيصلو ڪيو ويندو، باضابطا اعلان پاڪستاني وقت مطابق اڄ رات 8 وڳي ٿيڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته 2018ع ۾ پاڪستان جو نالو فيٽف جي گري لسٽ ۾ وڌو ويو هو  ۽ 27 نقطن تي عملدرآمد لاءِ ايڪشن پلان ڏنو ويو هو. جنهن بعد پاڪستان کي وڌيڪ 7 ۽ ان بعد 6 نقطن تي عملدرآمد جو چيو ويو هو، انهن نقطن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ فيٽف جي وفد پاڪستان جو دورو به ڪيو هو، رپورٽ جي روشني ۾ پاڪستان گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ پراميد آهي.