ٿر جا ودوان ڪَوي چارڻ..!

0
133

امر رائيسنگھ راجپوت

 چارڻن جي چَتر ٻوليءَ ۾ هزارين ٻاٻيهن جي مٺاس اوتيل هُوندي آھي. اُھي جڏھن ڳالهائيندا آھن، تڏھن ائين لڳندو آھي ڄڻ آبشارن مان لهندڙ پاڻيءَ ۾ ڪنهن مصريءَ جا مڻ اوتي ڇڏيا هُجن. چارڻ ڪَوي جڏھن به ڪا درد ڪٿا ڪبيشري لهجي ۾ ٻُڌائيندا آھن ته هر ٻُڌندڙ جي اک آلي ٿي پوندي آھي. پوءِ اُھا ڪٿا سَتي سورٺ جو ڏياچ لاءِ ڏاگهه تي چڙھڻ هُجي يا واگهجي راٺوڙ سان چارڻ ڪويءَ جي وفا جو ورڻن هُجي. مومل جو راڻي کي سچ سمجهائڻ لاءِ مَچ ۾ پوڻ هُجي يا مارئيءَ جي جنم بابت حقيقي حوالا هُجن. اهڙا ڪيئي مثال تاريخ ۾ ملن ٿا.

                 ٻاڙوين ڀاٽُ جي ٻولايل ٻالڪن واري چئلينج کي ڪنهن قبول ڪيو هو ته اهو چارڻ ئي هو، جنهن ٻاوڙين ڀاٽ کي چيو ته تُون ڇهن مهينن جو ٻالڪ ٻولائين ٿو، ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آھي؟ اهو ڇهه نه ته ٻارنهن مهينن کانپوءِ پاڻهي ڳالهائيندو پر آئون توکي ڪورو ڪُنب ٻولائي ڏيکاريندس. اهو ٻولائي دُنيا کي حيران ڪري ڇڏيو هو. سو چوڻ جو مقصد چارڻن کي چيتاوڻي ڏيئي ئي نٿي سگهجي، ڇاڪاڻ ته سرسوتي ماتا جيتري انهن کي ساهيجي آھي، ايتري شايد ئي ڪنهن کي هُجي. چارڻن جي وڏي هسٽري آھي جنهن تي ڪو ڀارو مل امراڻي جھڙو لوڪ ديوتا تاريخدان ئي ڳالهائي سگهي ٿو.

آڳاٽو ٿر هاڻوڪي ٿر کان آرٽ ۾ انتهائي گهڻو اڳڀرو هو. آرٽ سان ماڻهو مُحبت به ڪندا هُئا. گهڻو وقت اڳ جي ڳالهه آھي ته لوڪ گيتن جي لاکيڻي ڌُن ۾ “ٻالوچڻ” گيت جي انوکي راڳ تي موهت ٿي، قطار سان گڏ آيل نوجوان ڀيرڏانجي پُٽ ساڌولوجي ڳوٺ سانگڙ جي رهواسي کي “جاڙيپا” ٻاڙمير جي چارڻ رتنُو ولد ڪلوجي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏني هُئي. ڇا ته آرٽ سان مُحبت هُئي! هڪڙي آرٽسٽ کي آرٽ تان فدا ٿي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻ کان مٿي به ڪا آرٽ سان مُحبت ٿي سگهي ٿي؟ اهڙو مُنهنجو آڳاٽو ٿر هو. اهڙا ٿر جا ڪَوي ٻارٽ هُئا. سنبت 1958 وڪرمي جي هي حقيقي ڪٿا آهي، پر اڄ ته ان راڳ “ٻالوچڻ” (هڪ بلوچ عورت جي سُونهن جو ذڪر) کي ڳائڻ وارو به ڪو ماڻهو ئي نٿو ملي. ڪَوي شڪتيدان ڪَويا جا رشتيدار انهن ٻنهي شين ۾ ڀڙ هئا. هن سلسلي ۾ هي دُوهو حاضر آهي؛

ڀيري سانگڙيئي ڀَلي، ٻالوچڻ گائي

ڪَلي رتنُو ڪوڏ سُون، پُتري پرڻائي

ٿرپارڪر يعني ڍاٽ سنگيت جو به ڳڙهه رهيو آهي. راڳ ۽ رس ۾ چَس ۽ راڳڻين جي پرک ۽ پروڙ جا ڪيئي خُوبصُورت مثال ملن ٿا. ايڪهتر کان اڳ جي ڳالهه آھي ته شهر ڇاڇري ۾ نئين نئين اَٽي جي چَڪي لڳي هُئي، جيڪا ڌُو ڌُو جي آواز سان هلندي هُئي. ڳوٺ کانهڻي جا چارڻ پيءُ پُٽ صبحُ صبحُ وکر وٺڻ شهر ويا ته چَڪيءَ جو آواز ٻُڌي پيءُ پنهنجي پُٽ کي چيو ته ٻُڌاءِ چَڪي ڪهڙي راڳ ۾ پيئي وڄي؟ پُٽ ٻئي ڏينهن ساڳي وقت ويو، پنهنجي سارنگيءَ تي اهو آواز لاٿائين ۽ راڳ سُڃاڻي پيءُ کي ٻُڌايائين ته ٻاپُو جي! چَڪي ڦلاڻي راڳ ۾ ته نٿي وڄي متان؟ پُٽ پيءُ جي ذهانت ۽ ڪمال جي آرٽسٽ اک ڏسي کيس داد ڏنو. اهڙو ئي هڪڙو لاجواب آرٽ ۽ آرٽسٽ ساڳي ڳوٺ ۾ هو. چون ٿا ته کانهاڻو ڳوٺ جي هڪ چارڻ راڻجي پُٽ رڻڇوجي ٻارٽ ڪلوجي جو پوٽو هو. ان ۾ هڪ اهم خُوبي اھا هُئي ته، هُو گيتڪار عورتن جي وچ ۾ گَلي جي آواز سان ٻُڌائي ڏيندو هو ته ڪيترين عورتن جو مُنهن هِن طرف آهي، ڪيترين جو ھُن طرف آھي. هُن جي ڳچيءَ ۾ “ڪَنٺلو” پاتل آهي، هوءَ حاملا آهي، ھوءَ سُهاڳڻ آهي يا هُوءَ ڏُهاڳڻ آهي. چون ٿا ته گيت ختم ٿيڻ کان پوءِ معلوم ڪيو ويندو هو، جيڪا ڳالهه سئو سيڪڙو صحيح ثابت ٿيندي هئي. ڇا ته آرٽ هو! بنان ڪنهن ڏِسڻ جي، بنان ڪنهن مشين جي، بنان ڪنهن جادُوءَ جي فقط راڳ ٻُڌي هر هڪ جي آواز مان اهو پرکڻ ته هُن جو مُنهن ڪيڏانهن آھي، يا هُن کي زيور ڪهڙو پاتل آھي، يا سُهاڳڻ آھي يا ڏُهاڳڻ، اهو ته واقعي دُنيا جو عظيم آرٽ ئي چئبو. اهڙو آرٽ شايد ئي ڪٿي ملندو ھُجي. اسان جي ٿر ۾ اهڙو آرٽ موجود هو. ان سلسلي ۾ ڪَوي شڪتيدان ڪَويا جي ڪتاب “ڌرا سُرنگي ڍاٽ” ۾ هي دُوهو پڙهڻ وٽان آهي؛

پاتوَ راگان پارکُو، رَڻڇي  رو سُت   راڻ

هُوئوُ لَکاڻي کانهڻي، چَتر ڪَنٺ پهچاڻ