شاھ جي رسالي ۾ ٻين شاعرن جي شاعري

0
258
شاھ جي رسالي ۾ ٻين شاعرن جي شاعري

 شاھ جي رسالي ۾ جيڪي بيت ملن ٿا، انهن جي سِٽ وار جوڙجڪ ۽ بيهڪ ٻن کان وٺي، تيرنهن سِٽن تائين ملي ٿي. البت رسالي ۾ جيڪي “ٻه سِٽائي بيت” شامل آهن ته انهن کي “دوها” ۽ “سورٺا” چئبو آهي. اهڙن “دوها سورٺا” بيتن جا وري پنج قسم آهن. جن جي سڃاڻپ هيٺينءَ ريت ٿئي ٿي. 1: دوها 2: سورٺا 3: دوها- سورٺا ميل 4: سورٺا- دوها ميل ۽ 5: سورٺا- دوها سنگت. اهڙن ٻه سِٽائي بيتن جي پنجن ئي قسمن جي فني بيهڪ ۽ جوڙ جڪ هيٺينءَ ريت آهي:

1: “دوهي” جي فني بيهڪ ۽ جوڙجڪ

                 مختصر ۽ آسان لفظن ۾، ان جو صحيح ۽ جامع جواب هن ريت آهي ته ڪو به ٻن سٽن وارو شعر يا بيت، جنهن جا ٻئي قافيا، ٻنهي سِٽن جي آخر ۾ اچن، ته ان کي “دوهو” چئبو آهي. دوهو چئن پدن تي آڌاريل هوندو آهي. پهرين سِٽ ۾ ٻه پد ۽ ٻي سِٽ ۾ به وري ٻيا ٻه پد ٿيندا آهن. هتي نموني خاطر شاھ جي رسالي مان ٻه عدد “دوها” ڏيکارجن ٿا:

1: وَڍِي ٿِي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري،

هُنِ پَنَ پَنهنجا سارِيا، هِي هَنجُهون هوتَنِ لَئي هاري.

2: ڏَمَرَ پاسو ڏُکَ سِين، کانڌَ کَٿُورِي هوءِ،

“وَاللهُ مَعَ الصَابِرِينِ”، آگو اِيَهِين چوءِ.

2: “سورٺي” جي فني بيهڪ ۽ جوڙجڪ

ٿورڙن ۽ آسان لفظن ۾، ان جو درست ۽ مفصل جواب هن ريت آهي ته ڪو به ٻن سِٽن وارو شعر يا بيت، جنهن جا ٻئي قافيا، ٻنهي سِٽن جي اڌ اڌ ۾ اچن ته اُن کي “سورٺو” سڏبو آهي. سورٺو به دوهي وانگر ٻن سِٽن ۽ چئن پدن تي آڌاريل هوندو آهي. سورٺي جي اڃان آسان سڃاڻپ هيءَ آهي ته دوهي جي پدن کي ڦيرائي اُبتو ڪري رکبو ته اُهو سورٺو ٿي پوندو. هتي نموني خاطر شاھ جي رسالي مان ٻه عدد سورٺا ڏيکارجن ٿا:

  1: جِتي جيتَرِيُون، لِکِيُون قَلَمُ لَوحَ ۾،

تِتي تيتَرِيُون، گھڙِيُون گھاڙَڻِ آئِيُون.

2: گنجي ڏُونگرَ گامُ، پيهِي جَنِ پَرُوڙِيو،

ڪَري تَنُ تَمامُ، لوچي لاهُوتِي ٿِئا.

3: “دوهي- سورٺي ميل” جي فني بيهڪ ۽ جوڙجڪ

ان سوال جو سهڻو ۽ سَولو جواب هن ريت آهي ته ڪو به ٻن سِٽن وارو شعر يا بيت، جنهن جو پهريون قافيو، پهرين سِٽ جي آخر ۾ اچي ۽ ٻيو قافيو ٻي سِٽ جي اڌ ۾ اچي ته ان کي “دوهو- سورٺو ميل” چئجي ٿو. هتي نموني خاطر شاھ جي رسالي مان ٻه عدد “دوها- سورٺا ميل” ڏيکارجن ٿا:

1: لَکَ لاکِيڻو ڪَرَهو، ڪوڙِين ڏيئِي ڳِڌومِ،

   اَڱڻِ سُونهَن ٿِيومِ، مُلِ مُهانگو مَ چَئو.

2: ڀيرو ڀَڃُ مَ ڪاپَڙِي! لاهي ويھُ مَ لاڳِ،

   تان مُون هِينئَڙو ماڳِ، جان تُون جوڳِي! جُوءِ ۾.

4: “سورٺي- دوهي ميل” جي فني بيهڪ ۽ جوڙجڪ

ان سوال جو سهڻو ۽ صحيح جواب هن ريت آهي ته، ڪو به ٻن سِٽن وارو شعر يا بيت، جنهن جو پهريون قافيو، پهرين سِٽ جي اڌ ۾ اچي ۽ ٻيو قافيو ٻي سِٽ جي آخر ۾ اچي ته اُن کي “سورٺو- دوهو ميل” سڏجي ٿو. هتي نموني خاطر شاھ جي رسالي مان ٻه عدد “سورٺا- دوها ميل” ڏيکارجن ٿا:

1: لوڪان نَحَوَ صَرَفُ، مُون مُطالِعُ سُپِرِين،

سوئِي پَڙهِيو سو پَڙهان، سوئِي سو حَرَفُ.

2: جا ٿو گھيڙي گھَٽِ، مانگَڙِيارِيءَ مَڇَڙا،

   اِنَ ڪُنڍِيءَ ڪَڍِي ڪيتَرا، نيئِي پَڇاڙِيا پَٽِ.

5: “سورٺي- دوهي سنگت” جي فني بيهڪ ۽ جوڙجڪ

هن قسم جا بيت شاھ جي رسالي ۾ ڪافي سارا ملن ٿا. اهو شاھ جي ڪلام جو فني، فڪري ڪمال آهي، جو ان جي ٻه سِٽائي بيتن ۾، دوهن، سورٺن، دوها- سورٺا ميل ۽ سورٺا- دوها ميل کان علاوه، پنجين قسم جا بيت به موجود آهن، جن کي “سورٺا- دوها سنگت” چئي سگھجي ٿو. انهن بيتن جي خوبي هي آهي ته اُهي هڪ ئي وقت “سورٺا” به آهن، ته “دوها” به آهن. يعني انهن جا قافيا ٻنهي سِٽن جي اڌ اڌ ۾ به اچن ٿا ۽ آخر آخر ۾ به اچن ٿا. هتي نموني خاطر شاھ رسالي مان اهڙا ٻه عدد “سورٺا- دوها سنگت” ڏيکارجن ٿا:

1: حَبِيبَنِ هيڪارَ، مَنجھان مِهِرَ سَڏُ ڪِئو،

   سو مُون سَڀَ ڄَمارَ، اورڻُ اُهو ئِي ٿِئو.

2: سِرجِي تان سُورَ، سامائِي تان سُکَ وِئا،

اِهي ٻيئِي پُورَ، نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئا.

شاھ جي رسالي ۾ موجود دوهن ۽ سورٺن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ۾ قاضي قادن، شاھ ڪريم بلڙيءَ واري، مخدوم سرور نوح رحه، ميون شاھ عنات رضوي، سلطان اولياء خواجه محمد زمان لُنواريءَ واري، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي رحه، خليفي نبي بخش “قاسم” لغاري ۽ ٻين به ڪيترن ئي شاعرن جا بيت، دوها ۽ سورٺا شامل آهن. وري هندي بيتن تي اينداسين، ته انهن ۾ تُلسِي، خاڪُو، دادو، ساهُو، سمن، شُرفا، ڪالو، ڪاهُو، ڪبير، ميران ۽ نانڪ وغيره جا نالا اچي وڃن ٿا. فارسي ڪلام ۾ فقط هڪڙو ئي نالو  معلوم ٿئي ٿو، جيڪو آهي حضرت مولانا جلال الدين رومي رحه جو. البت شاھ جي رسالي ۾ اهڙن بيتن، دوهن ۽ سورٺن جي اهميت ان ڪري آهي، جو اهي اوائلي زماني کان وٺي، شاھ جي رسالي، شاھ جي بيتن، شاھ جي دوهن ۽ شاھ جي سورٺن سان شامل ٿيندا آيا آهن. ڪبير چيو آهي:

چَندَنَ! تيرِي باسَ ۾، موهِي سَڀَ بَنراه،

جَيسِي تَيسِي لاڪَڙِي، تيري نامَ بِڪاء.

تحقيق جي روشنيءَ ۾، شاھ جي رسالي ۾ موجود ڪيترائي بيت، دوها ۽ سورٺا ٻين شاعرن جا ثابت ٿي چُڪا آهن، پر پوءِ به اُهي اسان کي ايترا ئي پيارا لڳن ٿا، جيترو شاھ جو پنهنجو ڪلام پيارو آهي. مثال طور شاھ جي رسالي جو هيءَ هيٺيون ڪلام پڙهو:

1: سوئِرِيان سَنَهڙو، جان تَنُ ڪِيوءِ نه تِيئن،

توکي اَکڙِيُنِ ۾، پِرِين پائِيندو ڪِيئن؟

2: سو ئِي صُلحِ سَڄَڻين، سوئِي ڦوڙائونِ،

“وَاللهُ خَيرُالماڪرِين”،  اِهو  ميڙائونِ.

3: پيئِي جا پِرڀاتَ، سا ماڪَ مَ ڀانيو ماڙُهوئان!

روئِي    ڇُڙِي    راتَ،    ڏِسِي  ڏُکويَنِ کي.

4: ڇَڏِيو جَنِ ڀَنڀورُ، ڇَپَرُ تَنِ کي ڇاڙَڪِي،

ھَمَ غَمَ لَٿُنِ هورُ، وَڃِي ڪيچَ قَرارِيُون.

5: قَدُرِ ڪُونجَڙِيَنِ، ڦوڙائي فِراقَ جو،

ٻِيو پُڻ مايَڙِيَنِ، جَنِي پُٽَ پَرديسَ وِئا.

مجموعي طرح سان شاھ جي رسالي تي ٿيل تحقيق دوران اها ڳالھ سامهون آئي آهي ته شاھ جي رسالي ۾ موجود بيتن ۽ واين جو ڪافي سارو تعداد شاھ جي همعصرن، ان کان اول ۽ بعد ۾ ايندڙ شاعرن جو به شامل ٿي ويو آهي، پر شاھ جو رسالو پنهنجي دور جو هڪ اهم دستاويز ۽ رنگارنگي گلدستو آهي. ڄڻ مينهوڳي موسم ۾ اُجري انڊلٺ، اوڙڪُون ۽ گھاٽيون گھنگھور گھٽائون آهي. هاڻي جيڪڏهن اُن مان هڪڙي لفظ کي، سِٽ، بيت، وائي، دوهي، سورٺي، داستان يا سُر کي پنهنجي جاءِ تان هٽائجي ٿو ته شاھ جي شيداين، پريمين، پاٺڪن ۽ پيار ڪندڙن ۾، هڪ جذباتي لهر پيدا ٿي وڃي ٿي.

شاھ جي رسالي جو مطالعو ڪندي، رسالي جي فن، فڪر، فهم، فراست ۽ فلسفي بابت حُسناڪيءَ جا دروازا کُلندا رهن ٿا. شاھ جي رسالي جي شاندار شاعري، ڪمالِ فن جو هڪ اهڙو ته عاليشان اظهار ۽ معراج آهي، جنهن تائين دنيا جو ٻيو ڪو به شاعر، اڃان تائين پهچي نه سگھيو آهي. مطلب ته شاھ جو رسالو هڪ ئي وقت اُمنگَ ۽ آرزو به آهي، ته باک جي ساک ۽ بسنت ۽ بهار به آهي. ٻُڪِي ۽ ٻاجھ، پِريت ۽ پيار، دوا ۽ درمل، راڳ ۽ ڀاڳ، سڏ ۽ پڙاڏو، سُڳنڌ ۽ سُرهاڻ، ڪَيف ۽ ڪڪوھ ۽ گُل ۽ گُلاب به آهي. يعني شاھ جو رسالو اسان سڀني لاءِ مکڻ، ماکي، مڌ، مُحبت، مُروت، موھ ۽ اکڙين جو ڍءُ به آهي.

   مِٺايان  مِٺو  گَهڻو،  ڪَڙو  ناھِ   ڪَلامُ،

   سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.