ڀٽ شاهه(ن پ ا) ڀٽ شاهه ۾ پير آف ڀٽ شاهه ۽ شاهه لطيف جي راڳي مرحوم سيد عطا حسين شاهه لطيفي جي چوٿين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي. ورسي تقريب دوران صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي وئي، جڏھن ته شاهه جي راڳي فقيرن پاران دنبوري جي تند سان مرحوم سيد عطا حسين شاهه لطيفي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، تقريب ۾ سيد ابوذر شاھ لطيفي، فقير حسين علي جعفري ، سيد اسد لطيفي، فقير قادر بخش، مهر علي ڀنگوار ، غلام عباس جتوئي، سيد گلاب شاھ ۽ ٻين سميت مريدن ۽ عقيدت مندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مختلف اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته پير آف ڀٽ شاھ مرحوم سيد عطا شاھ لطيفي ڀٽائي سرڪار جو پارکو راڳي فقير ھو جنھن ڀٽائي سرڪار جو راڳ ڳائي  لطيف جو پيغام عام ڪيو ۽ ڪيترائي کيس راڳ ۾ شاگرد تيار ڪيا جيڪي اڄ به لطيف سرڪار جي صحن ۾ راڳ ڳائين پيا ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مرحوم سيد عطا حسين شاھ جو خال نه ٿو ڀرجي سگھي جنهن پوري زندگي لطيف سرڪار جي ڊيوٽي نڀائي.