ٿرڙي محبت (ن پ ا) ٿرڙي محبت ۾ پنج ڏينهن اڳ ٿيل ڦر واقعي جو ڪيس 5 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ ڪنڊيور ويندڙ اعجاز ٻليدائي ۽ زاهد علي جانوري کان هٿياربند ڦر ڪري ويا هئا ۽ بعد ۾ کوجي ڪتي ذريعي پيرو کنيو ويو هو جيڪو ٿرڙي محبت ٿاڻي کان ٿوري مفاصلي تي صوڀو پير جي قبرستان ۾ ٺاهيل مڪان ۾ ويهي رهيو. پوليس هڪ ڄڻي عبدالرسول خاصخيلي کي گرفتار ڪيو هو. ان واقعي جي ٿرڙي محبت ٿاڻي تي اعجاز ٻليدائي جي فرياد تي ٽن جوابدارن شهباز پٽ الهڏنو جانوري پرين پٽ غلام النبي گوپانگ ۽ هڪ نامعلوم جوابدار تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار شهباز عرف بگو جانوري کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.