حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي ٽنڊو محمود جي رهواسي نثار احمد لاشاري ساهرن پاران زال جي وفات بعد 4 معصوم ٻار واپس وٺي وڃڻ خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. احتجاج دوران هن ٻڌايو ته سندس زال ڪجهه عرصو اڳ بيماري سبب فوت ٿي وئي هئي جنهن بعد ساهرا 4 معصوم ٻار سجاد، شهزاد، زينب، حمير علي گهمائڻ بهاني پاڻ سان گڏ وٺي ويا جن کي ڪجهه ڏينهن بعد واپس وٺڻ لاءِ ويو ته ساهرن کيس ٻار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ٻار نه ملڻ کانپوءِ هن لاڳاپيل ٿاڻي تي ساهرن خلاف رپورٽ به داخل ڪرائي آهي پر پوليس ساڻس ڪو به سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هن ايس ايس پي حيدرآباد سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻس تدارڪ ڪيو وڃي.