ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان دالي شھر جو پورھيت مزدور عزيز ڪلھوڙو عرف گجي ڪلھوڙو زرعي زمين جي ڪڻڪ جي 12 جريب جي ول 6 ڪلاڪن اندر ٿريشر ۾ ڏئي اناج ڪڍي ريڪاڊ قائم ڪرڻ جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو ۾ پورھيت جي اھڙي ڪارنامي بعد اتي موجود زميندار غلام حسين عباسي پورھيت کي پيسن وارا ھار پارائي رھيو آھي. جڏھن ته اتي موجود ھاري خوشيءَ منجھان پورھيت کي ڪلھي تي کڻي دھل شرنائين تي جھمريون ھڻندي نظر اچي رھيا آھن. نوجوان عزيز ڪلھوڙو جي اھڙي ريڪاڊ قائم ڪرڻ بعد علائقي واسين اتي موجود ھارين، مزدور نوجوان کي پئسن جا ھار پارائي دھل شرنائين تي جھمريون ھڻي خوشيءَ جو اظھار ڪيو. پورھيت جي سڄي علائقي ۾ ھر ھنڌ واکاڻ لڳي پئي آھي. ان سلسلي ۾ ويڊيو ۾ نظر ايندڙ مڱڻھار فقير رياض سولنگي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پورھيت جي اھڙي رڪاڊ قائم ڪرڻ جي خوشي ۾ دھل وڄائڻ تي مون کي 3000 کان مٿي گھور ملي آھي.