لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري 21 جون تي لاڙڪاڻي ۾ ايئرڪنڊيشن  انٽرا سٽي بس سروس جو افتتاح ڪندو.10  بسون نيو بس اسٽينڊ کان شيخ زيد موڙ، چانڊڪا اسپتال، هاءِ ڪورٽ روڊ، ايس ايس پي چوڪ ۽ ايئرپورٽ روڊ قائد عوام يونيورسٽي ڪئمپس جي روٽ تي هلايون وينديون جن جو ڪرايو به عوام کان مناسب ورتو ويندو. واضع رهي ته ان کان اڳ به ٽرانسپورٽ کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير سيد اويس شاهه طرفان لاڙڪاڻي ۾ پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪيو هو جيڪي بسون ٿورو وقت مختلف روٽن تي هلڻ کان پوءِ ناڪاره بڻجي بيهجي ويون هيون.