ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) پ پ سينيٽر مرحوم ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو جي لاڏاڻي بعد خالي ٿيل سينيٽ جي ٽيڪنوڪريٽ  سيٽ تي  پ پ پاران مختلف اميدوارن جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، پارٽي ذريعن موجب ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو جي خالي ٿيل سيٽ تي ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو جي گهر واري ڊاڪٽر خالده سڪندر مينڌرو،  سندس ڀاءُ ڊاڪٽر ڪوثر مينڌرو ۽ ڊاڪٽر ڪريم خواجا جي نالن تي پارٽي پاران غور ويچار شروع ڪيو ويو آھي