اسلام آباد (م ڊ) پ پ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ يا واپار ڪرڻ  جي حمايت نٿو ڪيان، منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ طرفان اهو بيان گذريل ڏينهن ڏنل انٽرويو کانپوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ڏسڻو پوندو ته اسرائيل سان ڊيل ڪرڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي يا نه، ماڻهو اسرائيل تي تنقيد ڪندا آهن، اسان کي پنهنجو مفاد ڏسڻو آهي. هن وضاحت پيش ڪندي چيو ته منهنجي ڳالهه جو اهو مقصد نه هو ته اسرائيل سان لاڳاپا وڌايا وڃن يا واپار شروع ڪيو وڃي، منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ماڻهن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، ڇو ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ پاڪستان جي مفاد ۾ ناهي، جڏهن ته ان معاملي تي پ پ جو موقف وڏو واضح آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجو واضح موقف آهي ته اسرائيل کي ڪڏهن تسليم نه ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ جي اندر به منهنجو موقف آن رڪارڊ آهي ته اسرائيل کي تسليم نه ڪرڻ گهرجي، اسرائيل جا فلسطنين جي ظلم دنيا جي سامهون آهن ۽ انهن ظلمن تي عالمي برادري جي خاموشي ڳڻتي جوڳي آهي.