ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي  ته ي ٽي آءِ سربراهه عمران خان خلاف سندس  مارشل لا واري بيان تي ڪارروائي ڪنداسين، ان مامري کي قومي سطح تي اٿارينداسين. ضرورت پوڻ تي اسيمبلين ۾ ٺهراءُ پڻ پيش ڪيا ويندا. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران خان جنرل پرويز مشرف جو دوست آهي، هن ريفرنڊم ۾ پرويز مشرف کي ووٽ ڏنو هو، عمران  پرويز مشرف جو پولنگ ايجنٽ هو. هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته عمران نيازي ڪرسي لاءِ چريو  ٿي ويو آ هي هوڏانهن صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمران نيازي ملڪ ۾ تماشو بڻائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن هو مارشل لا جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته ڪڏهن خوني انقلاب جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، هن وقت حيران ۽ ذهني طور مفلوج نظر اچي ٿو. اسان  آءِ ايس پي آر ۽ آءِ ايس آءِ چيف جا ٿورائتا آهيون جن چيو ته ڏهن کان پندرهن سالن تائين ڪا به غير آئيني ڪارروائي نه ڪئي ويندي. هنن چيو ته عمران جا مارشل لا وارا خواب پورا نه ٿيندا.