گجرانوالا (م ڊ) گجرانوالا ۾ جي ٽي روڊ تي عمران خان خلاف بينر لڳي ويا، بينرز تي توشا خانه چور نامنطور جا نعرا لکيل هئا، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گجرانوالا ۾ عمران خان خلاف وال چاڪنگ ڪئي وئي، مارچ کي منفي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مهم هلائي پئي وڃي ته پي ٽي آءِ قيادت فوج خلاف آهي، هي ملڪ ۽ فوج اسانجي آهي.