ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جنرل قمر جاويد باجوا ڪرپشن کي خراب نه سمجهندو هو، نيب ڪنٽرول ۾ نه هجڻ ڪري احتساب نه ڪرائي سگهيس، وائيس آف آمريڪا اردو کي انٽرويو ڏيندي اسٽيبلشمينٽ سان اختلافن بابت سوال تي عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان صرف 2 معاملن تي اختلاف هئا، هڪ آرمي چيف جنر قمر جاويد باجوا ڪرپشن کي خراب نه سمجهندو هو، جيئن آئون سمجهندو هيس، هو احتساب لاءِ تيار نه هو، ٻيو مسئلو پنجاب ۾ وزيراعليٰ جو هو، هو چاهين پيا ته عثمان بوزدار جي جاءِ تي عليم خان کي وزيراعليٰ بڻايو، ٻيو اسان جو ڪوبه اختلاف نه هو، آئون احتساب نه ڪرائي سگهيس. هن چيو ته آئون 26 سالن کان چوندو رهيو آهيان ته قانون جي حڪراني هجي، انصاف هوندو ته ڪرپشن ختم ٿيندي، طاقتور جڏهن قانون مٿان ويٺو هوندو، نيب اسانجي ماتحت ناهي، اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾ آهي ته آئون ڪيئن  احتساب ڪريان؟ هڪ سوال تي عمران خان چيو ته فوج جي بدنامي نوازشريف ۽ مريم نواز ڪئي، نالا وٺي انهن تي الزام لڳايا، آئون تعميري تنقيد ڪندو آهيان، هنن جي تنقيد ڪرپشن جا پيسا بچائڻ لاءِ هوندي هئي، گرفتاري لاءِ گهڻي وقت کان تيار آهيان. عمران خان چيو ته لانگ مارچ صاف ۽ شفاف اليڪشن ۽ انصاف لاءِ آهي، طاقتور چوري ڪري ته اين آر او ۽ ڪمزور ڪري ته جيل ۾، اهو نظام نه هلندو، حڪومت فوري طور اليڪشن ڪرائي. ڳالهين وري سوال تي عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ ئي ٽياڪڙي ڪرائيندي، ڇاڪاڻ هن حڪومت وٽ ڪجهه آهي ئي نه، شهبازشريف ويچارو گاڏي جي ڊگي ۾ لڪي ملڻ ويندو هو، نوازشريف لنڊن ۾ ويهي فيصلا ڪري رهيو آهي، هنن وٽ ڪجهه ناهي، زرداري پنهنجي ڪم سان لڳو پيو آهي، هي حڪومت ئي ناهي، اسٽيبلشمينٽ ماڻهن کي گڏ ڪيو آهي، اصل ۾ جن وٽ طاقت آهي، فيصلو انهن کي ڪرڻو آهي.

گوجرانوالا (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين نوازشريف کي چونڊ وڙهڻ جو چيلنج ڏئي ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته نوازشريف ۽ زرداري تحريڪ انصاف کي فوج سان ويڙهائڻ چاهين ٿا، نوازشريف وطن واپس کيس استقبال ڪري سڌو اڊيالا جيل پهچائينداسين، اليڪشن وڙهي، آئون کيس تڪ ۾ هارائيندس، لانگ مارچ بعد سنڌ جو رُخ ڪندس. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري پي ٽي آءِ کي فوج سان ويڙهائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. گوجرانوالا ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مون ملڪ ٽٽندي ڏٺو آهي، پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي اوڀر پاڪستان مان جيڪا چونڊ کٽي پر اوڀر پاڪستان جي عوام کي سندن حق نه ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته هتي هڪ سياستدان پنهنجي ڪُرسي لاءِ سازش ڪري سندن حق نه ڏنو، هن فوج کي ان پارٽي خلاف استعمال ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ٽٽي ويو. هن چيو ته اڄ وري لنڊن ۾ ويٺل ڀڳوڙو نواز شريف ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي بيماري آصف زرداري گڏجي سازش ڪري رهيا آهن ته ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي ۽ فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ کي هڪ ٻئي خلاف استعمال ڪيون، اها ملڪ خلاف سازش آهي، سڀني چورن جو مقصد فوج جو پي ٽي آءِ سان ٽڪراءُ ڪرائڻ آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته آصف زرداري لانگ مارچ بعد سنڌ اچي رهيو آهيان. هن چيو ته ٻاهران اسڪرپٽ ڏنو ويندو آهي ته روس کان سستو تيل ناهي وٺڻو، آمريڪا کان اين او سي ورتي ويندي آهي ته روس کان تيل وٺي سگهون ٿا يا نه. هن چيو ته منهنجي جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي، آئون نواز شريف ناهيان جو ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃان، نواز شريف انتظار ڪري رهيو آهي ته کيس سگهارين ڌرين وٽان اين آر او ملي وڃي ۽ پوءِ هو واپس موٽي اچي، اسان سڀ گڏجي ڌاڙيل نواز شريف جي آجيان ڪنداسين، کيس هوائي اڏي کان اڊيالا جيل وٺي وينداسين. عمران چيو ته نواز شريف ميڊيڪل رپورٽن ۾ به ڌانڌلي ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين نواز ليگ قائد کي چيلنج ڏيندي چيو ته نواز شريف جڏهن به واپس اچين ته چونڊ ۾ مقابلو ڪجان، چيلنج ڪريان ٿو ته تنهنجي تڪ ۾ توکي هارائيندس. هن چيو ته اسان جي تحريڪ، سڄي قوم چيف جسٽس ڏانهن واجهائي رهي آهي ته اوهان کي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻي آهي. عمران خان چيو ته شهبازشريف بزدل ۽ نوازشريف ان کان به وڌيڪ بزدل شخص آهي، رانا ثناءُ الله جهڙو ٻن ٽڪن جو ماڻهو اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، دراصل مارچ ۾ ماڻهو ڏسي رانا ثناءُ الله کان پگهر نڪري رهيا آهن، حڪومت سنڌ مان 30 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا آهن، جڏهن اسان اسلام آباد پهچنداسين ته اهي پوليس اهلڪار به اسانجي لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿي ويندا.