اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينئر سياستدان ۽ اڳوڻي سينيٽر صفدر عباسي چيو آھي ته آصف زرداري جي لاهور ۾ اچي ويهڻ سان ڪو فرق نه پوندو، چئني صوبن جي زنجير سڏجندڙ پيپلزپارٽي هاڻي سنڌ جي 11 ضلعن تائين محدود ٿي وئي آھي اهڙو اظهار ڪالھه ان صحافين سان ڳالهائيدي ڪيو، صفدر عباسي وزير اعظم سان ٿيل ملاقات بابت چيو ته ملاقات دوران جي يوآءِ سميت پيپلزپارٽي مخالف پارٽين جي ٺهيل اتحاد بابت کيس اگاهه ڪيو، پيپلزپارٽي مخالف ڌريون گڏجي ئي سنڌ ۾ زرداري پارٽي جو مقابلو ڪري سگهن ٿيون، اسان 10 ضلعن جي مقامي قيادت کي گڏ ڪيو آھي منهنجي خيال ۾ جي يوآءِ سميت پيپلزپارٽي مخالف پارٽين جي مقامي اتحاد تي وزير اعظم کي اعتراض نه هجڻ گهرجي، هن چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ سمورين پيپلزپارٽي مخالف ڌڙن لاءِ پي ٽي آءِ جي بيٽ جي نشان تي چونڊ وڙهڻ ممڪن نه آھي، وزير اعظم هاڪاري موٽ ڏني آھي اسد عمر کي به ان هدايتون ڪيون، سنڌ ۾ پي ٽي آءِ اتحادين ذريعي سياسي قوت بڻجي سگهي ٿي، هڪ سوال تي صفدر عباسي چيو ته بلاول پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي پيشڪش ڪئي ته ان جي پارٽي سوچ کي ڏسندس ته ان جي پارٽي لاءِ ڪهڙي سوچ آھي، هن وقت بلاول سمجهوتي جي سياست ڪري رهيو آھي ۽ والد جي چوڻ تي هلي پيو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته محترمه بينظير جي شهادت بعد سامهون آيل وصيعت جي لکت محترمه جي لکت سان ملندڙ جلندڙ آھي ان جي فرانزڪ جاچ ٿيڻ گهرجي ها، بينظير ڀٽو جي بليڪ بيري فون ٽي سال انهن جي ملازم وٽ هئي، ان مان آخري 15 ڏينهن جي رڪارڊنگ غائب هئي هن چيو ته ذوالفقار مرزا ،ڊاڪٽر فهميدا مرزا سان رابطي ۾ آهيون، ايندڙ چونڊن بابت گڏجي فيصلو ڪندا سين، سنڌ کي تبديلي جي رستي تي ايندي محسوس ڪريان پيو عمران خان سنڌ جو ڪٻاڙو ڪندڙن کي شڪست ڏني ته اها ان جي وڏي خدمت هوندي.