ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا ۾ گهٽتائي، شرح 8.18 سيڪڙو ٿي وئي، 24 ڪلاڪن دوران 67 شهرين دم ڏنو، جڏهن ته 4745 نوان ڪيس سامهون آيا، سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2170 نوان ڪيس ظاهر، سول اسپتال جي سينيئر ڊاڪٽر نثار احمد شاهه سميت 42 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 2170 نوان ڪيس سامهون آيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته ھن وقت 46698 مريض علاج ھيٺ آھن، جن مان 45156 گهرن، 1501 مختلف اسپتالن ۽ 41 آئسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن، ھن وڌيڪ چيو ته 1319 مريضن جي حالت ڳڻتي آهي، جن مان 96 مريضن کي وينٽيليٽرن تي منتقل ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ 1539، حيدرآباد ۾ 129، بدين ۾ 92، ميرپورخاص ۾ 55، ٿرپارڪر ۾ 47، سانگھڙ ۾ 42، ٺٽي ۾ 35، نوابشاھه ۾ 33، ڄامشوري ۾ 31، نوشھري فيروز ۾ 31، مٽياري ۾ 23، عمرڪوٽ ۾ 17، ٽنڊي الھيار ۾ 15، سجاول ۾ 11، گھوٽڪي ۾ 5 ، خيرپور ۽ سکر ۾ 4_4، ه ڪشمور ۾ ھڪ وڌيڪ نئون ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.ٻئي طرف حيدرآباد ۾ ڪورونا وگهي هڪ مريض فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪورونا شرح 13 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.ٻئي طرف اڳوڻو ڪميونسٽ اڳواڻ ۽ چمڙي جو ماھر ڊاڪٽر نثار علي شاھ ڪورونا سبب فوت ٿي ويو، ڊاڪٽر نثار علي شاھ کي ڪورونا سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هن ڪجھه ڏينھن وينٽيليٽر تي رھڻ بعد دم ڏئي ڇڏيو. ٻئي طرف گرينڊ الائنس آف پرائيويٽ اسڪولز ايسوسئشنز جي اڳواڻن عليم قريشي، ڊاڪٽر نجيب ميمڻ ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي ته 9 آگسٽ کان ڪورونا ايس او پيز سان گڏ 50 سيڪڙو حاضري سان اسڪول کولي، اسڪول عملي لاءِ ويڪسين جا خاص سينٽر قائم ڪري، خانگي تعليمي ادارن کي ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ 10هين محرم کانپوءِ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته ڪورونا سبب ڏيڍ ڪروڙ ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، 10 لک ٻار اسڪول ڇڏي ويا آهن، جڏهن ته 10 لک نوان ٻار داخل ئي نه ٿي سگهيا آهن، ڪيترائي خانگي اسڪول بند ٿيڻ ڪري هزارين استاد بيروزگار ٿي ويا آهن هوڏانهن سنڌ حڪومت ڪراچي شهر اندر ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏانهن ويندڙ ٽرانسپورٽ ۾ ڪورونا ايس او پيز جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن، 9 رڪني ڪاميٽي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري کي سربراھ مقرر ڪري، لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن، ايس ايس پيز، اسسٽنٽ ڪمشنرن، ميونسپل ڪمشنرن، سيڪريٽري صوبائي ٽرانسپورٽ اٿارٽي ۽ ريجنل سيڪريٽرين کي ميبر مقرر ڪيو ويو آهي. ڪاميٽين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته بس اڏن ۽ ٽول پلازائن تي مسافر گاڏين جي چڪاس سان گڏ اسنيپ چيڪنگ به ڪئي وڃي.