ڪراچي (رپورٽ:شاهد ميراڻي) سنڌ ڪابينا جو اجلاس اڱاري 10 آگسٽ تي طلب ڪيو آهي، اجلاس ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت تيار ڪيل نئين قانوني بل، پاڪستان نيوي کي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي لاءِ 200 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ، ٻين صوبن جي ماڻهن پاران سنڌ جي ڊوميسائيل تي نوڪريون ۽ داخلائون وٺڻ سميت مختلف اهم معاملن تي غور ويچار ڪري فيصلا ڪيا ويندا. سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير مراد شاهه جي صدارت هيٺ وزير اعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندو، ورتل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت ترميمي بل تيار ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح سنڌ سول سرونٽس (مقرريون، ترقيون ۽ بدليون) رولز 1974ع ۽ سنڌ گورنمينٽ رولز آف بزنس 1986ع ۾ پڻ ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن، جيڪي سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪيون وينديون.