لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ڪنهن هڪ جماعت جو نه پي ڊي ايم جو هو، نوٽيس جي ردعمل تي ڇا طئي ڪرڻو آهي، اهو مولانا فضل الرحمان جي دانشمندي ۽ قيادت تي ٿا ڇڏيون. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته ڊسڪه ۾ فتح هڪ وڏي تبديلي جو اشارو آهي. ڇو ته نواز ليگ اهو مقابلو حڪومتي مشينري سان ڪيو آهي. سموري رياست جي طاقت ۽ انتظاميا هڪ طرف بيٺل هئي. نواز ليگ کي دٻائڻ ۽ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، فيبروري ۾ اهي ڌانڌلي ڪري به نه کٽي سگهيا، نواز ليگ کي دٻائڻ ۽ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته جنهن لاءِ چوندا هئا، سندس سياست ختم ٿي وئي، ان لنڊن ۾ ويهي انهن کي هارائي ڇڏيو، اهي سپريم ڪورٽ ويا ته اسان کي عوام جي شڪست کان بچايو ۽ ميدان ۾ آيا ته عوام جي ووٽن کين پوئين پير ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، هاڻ جنهن ڏينهن انهن جي حڪومت نه رهي، اهي ڪمپين ڪرڻ جي به لائق نه رهندا. هن چيو ته نواز ليگ ٽوڙڻ لاءِ ڪوششن ڪيون ويون پر نواز ليگ عوامي قوت سان انهن جي سامهون بيٺي آهي، جڏهن ته حڪومتي ميمبر ٽي وي تي حڪومت خلاف ڳالهائي رهيا آهن ۽ ٻيا ٺڪاڻا ڳولي رهيا آهن. مريم نواز چيو ته جهانگير ترين جي معاملن تي ڪجهه نه چوينديس پر جهانگير ترين کان سبق سکو، اها جهانگير ترين جو نيمڪ کائي رهيا هئا ۽ جهاز استعمال ڪري رهيا هئا، ان وقت ته هو شگر مافيا نه هو. نواز ليگ نائب صدر وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتون پنهنجي ڪاز تي ڪاربند آهن ۽ پي ڊي ايم جي جدوجهد پاڪستان جو دڳ سڌو ڪرڻ جو ڪاز آهي، جڏهن ته پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتون متحد آهن، شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو پي ڊي ايم جو هو، ڪنهن هڪ جماعت جو نه هو، نوٽيس تي پ پ جي ردعمل تي ڇا ڪرڻو آهي، اهو مولانا فضل الرحمان جي دانشمندي ۽ قيادت تي ٿا ڇڏيون، پي ڊي ايم ۾ ويهي فيصلو ڪنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي؟مريم نواز اين اي 249 جي ضمني چونڊ مهم لاءِ ڪراچي وڃڻ جو به اعلان ڪيو، مريم نواز چيو ته ڪراچي وڃي رهي آهيان، اين اي 249 جي عوام کي پيغام کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي ته نواز ليگ کي ڪامياب بڻايو.