اسلام آباد (م ڊ) مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي عهدن تان استعيفا ڏيڻ واري پيپلز پارٽي جي فيصلي تي جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جو رد عمل اچي ويو. جي يو آءِ جي سينيئر اڳواڻ مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي اڄ سياسي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي استعيفائون ان وقت ڏئي ها، جڏهن هن باپ کان ووٽ ورتا هئا، پيپلز پارٽي عمران خان جي حڪومت کي سهارو ڏئي رهي آهي، پيپلزپارٽي جيڪو ڪري رهي آهي، ان جو جواب عوام ايندڙ اليڪشن ۾ ڏيندو. هن کان سوال ڪيو ويو ڇا پي ڊي ايم اي اين پي ۽ پيپلز پارٽي کان معافي گهرندي؟ ان تي غفور حيدري چيو ته معافي ڪهڙي ڳالهه جي؟ غلطيون ۽ چالاڪيون هو ڪن ۽ معافيون اسان ڪيئن گهرون؟ پيپلز پارٽي جي وڃڻ تي خوشي ٿي، هاڻ يڪسوئي تحريڪ هلائي ويندي، غفور حيدري کان وڌيڪ سوال ڪيو ويو ته ڇا پي ڊي ايم جي ٻيهر گڏ ٿيڻ جي ڪا گنجائش ناهي؟ ان تي سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي پي ڊي ايم ۾ واپسي جو رڳو هڪ ئي رستو آهي، يوسف رضا گيلاني استعيفا ڏئي ان کانپوءِ اڳتي ڳالهه ٿيندي. پ پ چيئرمين جي معافي واري مطالبي تي ردعمل ڏيندي پي ڊي ايم طرفان شوڪاز نوٽيس شاهد خاقان عباسي چيو ته معافي ڇا جي؟ کِل جوڳيون ڳالهيون نه ڪيو وڃن، منهنجو خط ڦاڙي اڇلايو ويو ته منهنجي طرفان به الله حافظ آهي. نجي ٽِي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلزپارٽي کي پي ڊي ايم ۾ رهڻو آهي ته پنهنجو اعتماد بحال ڪري، بلاول ڀٽو جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن سان اعتماد بحال نه ٿيندو، هن چيو ته معافي اهو وٺندو آهي جيڪو موقف تان هٽندو آهي، واعدو ٽوڙيندو آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ سان سودو ڪندو آهي. نواز ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته شاهد خاقان پي ڊي ايم طرفان پ پ کان وضاحت گهري، پيپلزپارٽي پنجاب جي سياست تي فيصلو ڪرڻ چاهي ٿي، استعيفائون لانگ مارچ سان گڏ ڏيون ها ته هي حڪومت ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي وڃي ها، 9 پارٽيون استعيفائن جو ايٽم بم هلائڻ چاهين پيون پر پ پ کي اختلاف هو، جڏهن به جمهوري تبديلي ايندي، اسان آڻينداسين، آخر پ پ ڇا ٿي چاهي؟.