ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني 1986ع ۾ بينظير ڀٽو جي وطن واپسي وقت کيس گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جڏهن ته منهنجي والد ان جي مخالفت ڪئي هئي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجو والد خاقان عبساي محمد خان جوڻيجو جي حڪومت ۾ وزير هو پر هو ڪنهن به غيرجمهوري ڪم ۾ ملوث نه هو. 8 اپريل 1986ع تي بينظير ڀٽو جي وطن واپسي جي موقعي تي محمد خان جوڻيجو جي ڪابينا ۾ 28 وزيرن مطالبو ڪيو ته بينظير ڀٽو کي وطن واپس اچڻ تي گرفتار ڪيو وڃي جن ۾ يوسف رضا گيلاني به شامل هو، پر ٻن وزيرن جو موقف هو ته اسان سياسي مقابلو ڪنداسين گرفتار نه ڪيو وڃي، اينڪرحامد ميرچيو ته انهن مان هڪ وزير محبوب الحق ۽ ٻيو خاقان عباسي هو.