لنڊن(انٽرسٽنگ نيوز) برطانيا ۾ هڪ بورچي مالڪ سان پگهار ۽ موڪل جي معاملي تان جهيڙي کانپوءِ ڪاوڙ ۾ اچي هوٽل جي بورچي خاني ۾ لال بيگ ڇڏي ڏنا. عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب برطانيا جي هڪ هوٽل ۾ 25 سالن جي بورچي جو مالڪ سان جهيڙو ٿي پيو جنهن جو سبب موڪل ۽ پگهار جو معاملو هو. جهيڙي کانپوءِ بورچي ملازمت ڇڏي هليو ويو، پر 2 ڏينهن کانپوءِ اهو رات جو اوندهه ۾ لڪي واپس آيو ۽ بورچي خاني ۾ 20 لال بيگ ڇڏي ڏنا. بورچيءَ جي اهڙي حرڪت سي سي ٽي وي ڪيمرا ۾ رڪارڊ ٿي وئي. مالڪ جو چوڻ آهي ته جهيڙي وقت بورچي اهڙي حرڪت جي ڌمڪي به ڏني پر مان ان کي سنجيده نه ورتو. واقعي کانپوءِ مالڪ پيسٽ ڪنٽرول کي طلب ڪيو جنهن بورچي خاني جي مڪمل صفائي ڪئي، ان دوران هوٽل کي هڪ ڏينهن لاءِ بهند به ڪرڻو پيو. مالڪ جو چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن هوٽل بند ٿيڻ سبب هن کي 62 لک پاڪستاني رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. واقعي جو پوليس کي به اطلاع ڏنو ويو آهي. پوليس موجب نوجوان بورچيءَ کي 17 مهيني جيل جي سزا ملي سگهي ٿي، جڏهن ته هن جو لائسنس به 2 سالن لاءِ معطل ٿي سگهي ٿو.