اوڪلاهوما(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي پيزا پارٽي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ حيرت انگيز طور تي 3 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ 1000 پيزا پيش ڪيا ويا، اها تقريب اوڪلاهوما يونيورسٽي جي هال ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اينڊوليني پيزا ڪمپني جي مالڪ مائڪ بوش ٻڌايو ته اهو ان رڪارڊ کي ٽوڙڻ لاءِ گذريل 8 مهينن کان جدوجهد ڪري رهيو هو جنهن جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. اهڙي طرح شريڪ ٿيندڙن جو وڏو انگ اچي ويو ۽ تمام جلد ئي 1000 کان وڌيڪ پيزا تيار ڪيا ويا. شام جو شروع ٿيندڙ دعوت ۾ شرط اها هئي ته هر فرد پيزا جو 2 سلائس کائي ۽ پاڻي جي ننڍي بوتل ختم ڪري پر اهڙو عمل 15 منٽن ۾ انجام ڏيڻو هو.  جيڪڏهن 15 منٽن کان وقت مٿي ٿي وڃي ته ان جو کاڌو نه ڳڻيو ويندو ۽ مقابلي مان خارج سمجهيو ويندو. اهڙي طرح ڪل 3357 ماڻهن مقرر وقت ۾ پيزا جا 2 ٽڪرا کاڌا ۽ پاڻي جي ننڍي بوتل ختم ڪئي. سمورن ماڻهن ٽڪيٽ وٺي ان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. اهڙي طرح ٽوٽل 40 هزار ڊالر عطيو جمع ٿيو جيڪو بيمار ٻارن جي علاج تي خرچ ڪيو ويندو.