ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪارا ثنا جاويد جي خوبصورت تصويرن مداحن جون دليون کٽي ورتيون آهن. ويجهڙ ۾ ئي اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪجهه تصويرون پوسٽ ڪيون آهن جن کي مداحن طرفان گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي. شيئر ڪيل تصويرن ۾ اداڪارا کي خوبصورت لباس ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ان کان اڳ اداڪارا فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ڪجهه تصويرون پوسٽ ڪيون هيون. شيئر ڪيل تصويرن ۾ ثنا جاويد کي هلڪي رنگ جي لباس ۾ ڏٺو ويو هو جنهن ۾ هوءَ گهڻي پياري نظر اچي رهي هئي. واضح رهي ته پاڪستان جي مشهور اداڪارا ثنا جاويد سوشل ميڊيا تي ڪافي متحرڪ نظر ايندي آهي ۽ اڪثر پنهنجون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي رهندي آهي جنهن کي مداحن طرفان گهڻو پسند به ڪيو ويندو آهي.