ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چوپائي مال واري کاتي جي انتظام هيٺ هلندڙ ايگريڪلچرل گروٿ پراجيڪٽ جي ملازمن ڪالهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر مڪيش ڪمار ۽ ٻين چيو ته ڄاڻايل پروجيڪٽ جا ملازم 7 سالن کان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن، هاڻ کين بنا نوٽيس جي نوڪرين مان ڪڍيو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي پاس ڪيل قانون مطابق کين ريگيولر ڪرڻ بدران نوڪرين مان ڪڍڻ ڪورونا واري قانون جي به خلاف ورزي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته کين بحال ڪري مستقل ڪيو وڃي.