نوان جتوئي (ن پ ا) نوان جتوئي لڳ ڳوٺ شير ملاح جي رهواسين پورهيت رياض ملاح ۽ رمضان ملاح جي ڪکائن گھرن کي بجلي جي شاٽ سرڪٽ مان باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گھر ۾ موجود 5 ٻوريون ان ، هنڌ ، هڪ مينهن سميت ٻيو سمورو سامان سڙي ويو. متاثر رهواسي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. ان حوالي سان پورهيت رياض ملاح ٻڌايو ته اسان جو ڪکائون گھر هو جنهن کي اوچتو بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳي وئي، باهه سبب گھرن ۾ موجود سمورو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، باهه متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. هنن ڊي سي نوشهروفيروز ۽ ٻين سرندي وارن کي مدد جي اپيل ڪئي.