قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ويجهو ڏيڙان ۾ پورھيت احمد چانڊيو جي گھر کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳي وئي. باهه لڳڻ سبب گھر ۾ رکيل ڪڻڪ جون 4 ٻوريون، نياڻي جو پيل ڏاج، ان سان گڏوگڏ گھر ۾ پيل سمورو سامان کٽون، ھنڌ بسترا سڙي رک ٿي ويا. فائر برگيڊ کي اطلاع ڏنو ويو ته فائر برگيڊ پھچي باهه وسائي ورتي. باهه متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل آهن ڪنهن به سار نه لڌي.