ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ڪورونا وائرس جي پيش نظر سنڌ حڪومت پاران اسڪول ۽ ڪاليج بند رکڻ واري حڪم باوجود نجي اسڪول کليل هجڻ واري عوامي شڪايتن تي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي نوٽيس وٺندي ڇاپا مار ٽيم کي ڪاررواين جو حڪم ڏنو، جنهن ضلعي انتظاميا جي ٽيم ميرپور ماٿيلو ۾ ڇاپو هڻي ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙ شاهين پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول، اخلاص انٽرنيشنل اسڪول، شاهين ماڊل اسڪول ۽ ڪئمبرج پبلڪ اسڪول کي سيل ڪري مجموعي طور 80 هزار ڏنڊ لڳايو ويو. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندڙن اسڪولن خلاف سخت ڪارروائين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، نجي اسڪول تعليم کاتي پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪن ٻي صورت ۾ اسڪولن کي سيل ڪيو ويندو.