جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ ڦٽي جو فصل مارڪيٽ ۾ اچي ويو، 5 هزار رپيا في مڻ وڪرو ٿيڻ لڳو، جهڏو تعلقي ۾ ڦٽي جو فصل سموري سنڌ ۾ سڀ کان پهرين تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ويو. آهوري جي آبادگار محمد ابراهيم گشڪوري جي زمين تي پوکيل آڳاٽي ڦٽي جو فصل تيار ٿي ويو ۽ آبادگار ڦٽي جو پهريون چونڊو کڻي وڪري لاءِ جهڏو جي مارڪيٽ ۾ آندو جتي واپاري ڪامران تاج پاران 5 هزار رپيا في مڻ جي اگهه سان ڦٽي خريد ڪئي وئي. ٻئي پاسي جهڏو تعلقي ۾ سوين ايڪڙن تي ڦٽي جو فصل پوکيل آهي جنھن مان گهڻي ڀاڱي فصل ٿي ويو آهي پر پاڻي جي کوٽ سبب اپت گهٽ اچڻ جو خدشو آهي.