فيض گنج (ن پ ا) پڪاچانگ ۾ عيد ڏهاڙي قتل ڪيل سول جج ملير علي مردان چانگ جي ڀيڻويي استاد عابد چانگ جي قاتلن جو پوليس پتو نه لڳائي سگهي. شھري اتحاد جي سڏ تي ڪاچانگ ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي.مظاهرين رڪاوٽون رکي شھر جو مک چوڪ بند ڪري ڇڏيو. شھري اتحاد جي صدر احمد چانگ، قادر بخش چانگ، رياض حسين، محبوب چانگ، ضياءُ الرحمن آرائين چيو ته استاد عابد چانگ جي قاتلن جو پوليس 8 ڏينهن گذرڻ باوجود پتو لڳائي ناهي سگهي. هوڏانهن استاد عابد چانگ جي قتل خلاف استاد تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن هاءِ اسڪول گرائونڊ کان استاد خالد چانگ، معشوق علي، استاد امداد جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي. هنن چتاءُ ڏنو ته هفتي اندر استاد عابد چانگ جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته مڙڻ گهڙي تائين علامتي بک هڙتال جو سلسلو شروع ڪنداسين. پاڪستان بار ڪائونسل ميمبر ۽ سنڌ پنجاب اپيليٽ ڪاميٽي چيئرمين ايڪس جسٽس، ايڊووڪيٽ رياضت علي ساهڙ ڳوٺ مٺو چانگ پهچي مقتول استاد جي وارثن سان تعزيت ڪئي. هوڏانهن ڪراچي جي ماهر قانوندان ايڪس سول جج، ايڊووڪيٽ علي ناصر بلوچ، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي خيرپور بار بار خاطري ڪرائي آھي پر اڃا ڪو نتيجو ناهي نڪتو. هنن وڌيڪ چيو ته اميد آھي ته جلد جوابدار گرفتار نه ٿيا ته ڪو ٻيو لائحه عمل جوڙينداسين. ايس ايچ او فيض گنج ربطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته معاملو سمجهه کان ٻاهر آهي مقتول استاد عابد چانگ جا وارث ڪنهن جو نالو نٿا ڏين پوليس جديد ٽيڪنالاجي زريعي جوابدارن جوپتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.