حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سول اسپتال حيدرآباد جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گيسٽرولاجي شعبي ۾ ڪينسر جي مريض کي کاڌي لاءِ معدي ۾ پيگ ٽيوب لڳايو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته حيدرآباد جي اسلام آباد واري علائقي جي رهواسي 45 سالن جي محمد نديم قريشي کي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان زبان ۾ ڪينسر جو مرض لاحق ٿيل آهي، جنهن ڪري کيس کائڻ پيئڻ ۾ سخت تڪليف پيش اچي رهي هئي، مريض گذريل هڪ هفتي کان کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو هو، جنهن ڪري سندس وارث سخت پريشان هئا. مريض کي سول اسپتال حيدرآباد جي گيسٽرولاجي شعبي ۾ داخل ڪيو ويو جتي اينڊو اسڪوپي جي سربراهه ڊاڪٽر اڪرم باجوه مريض جو آپريشن ڪري کيس کاڌي لاءِ معدي ۾ ٽيوب لڳائي ڇڏيو. سول اسپتال جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ڪنهن مريض کي خوراڪ لاءِ پيگ ٽيوب لڳايو ويو. اهو پيگ ٽيوب انهن مريضن کي لڳايو ويندو آهي جيڪي فالج يا وات جي ڪينسر سبب کاڌو کائي نه سگهندا آهن. اينڊو اسڪوپي جي سربراهه ڊاڪٽر اڪرم باجوه ماڻهن کي صلاح ڏني آهي ته هو صحت لاءِ هاڃيڪار شيون جهڙوڪر مين پڙي، گٽڪو ۽ ٻيون اهڙيون شيون واپرائڻ کان پرهيز ڪن جن جي ڪري سندن صحت خراب ٿئي ٿي.