لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ صحافي حنيف سهاڳ جي امڙ بيبل خاتون مبينا طور آڪسيجن ه ملڻ سبب فوت ٿي وئي، اهڙي واقعي جي اطلاع تي لاڙڪاڻي جا صحافي نادر ابڙو، شاھ محمد لاشاري، محمد علي شيخ ۽ ٻيا پهچي ويا، جن ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صحافي ٻڌايو ته سندس امڙ کي آڪسيجن جي فراهمي بند ٿيڻ جو اطلاع هن ڊيوٽي ڊاڪٽرن سميت عملي کي ڏنو پر بروقت ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو، جنهن ڪري امڙ فوت ٿي وئي، هن مطالبو ڪيو ته غفلت جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن ان حوالي سان ڊيوٽي ڊاڪٽر پاران صحافي جي امڙ جي موت بابت جاري ڪيل ليٽر ۾ آڪسيجن جي فراهمي معطل ٿيڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي، ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته مريضه جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي ۽ ان جو دارومدار آڪسيجن تي هو، آڪسيجن سلينڊر ۾گيس ختم ٿيڻ جي ڪري 5 منٽن تائين مريضه جي آڪسيجن سپلاءِ معطل رهي، ڊيوٽي ڊاڪٽر هوڏانهن اختيارين نوٽيس وٺندي پروفيسر رياض شيخ جي اڳواڻي ۾ ٽه رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي آهي، جنهن ۾ پروفيسر بشير احمد شيخ ۽ ڊاڪٽر سعيد ميمڻ شامل آهن، جيڪي رپورٽ پيش ڪندا.